بوتل ڪٿي آهي منهنجي؟ راحت فتح علي خان آپي مان ٻاهر، ملازم کي مرڻينگ ڪري ڇڏيائين، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور راڳي راحت فتح علي خان بابت چيو پيو وڃي اڄ ڪلهه هو ڏاڍو شراب پي رهيو آهي ۽ هن شراب جي هڪ بوتل گم ٿيڻ تي پنهنجي ملازم کي ڪٽي ڪٽي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون آئي آهي جنهن بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته راحت فتح علي خان پنهنجي ملازمن تي تشدد ڪرڻ لڳو آهي ۽ جڏهن هو شراب پي رهيو هو ته هڪ بوتل گم ٿيڻ تي هن ملازم کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏيائين.

موقعي تي موجود ٻيا ملازم کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر راحت فتح علي خان جي ڪاوڙ هئي جيڪا ٿڌي نه ٿي ۽ ملازم کي ڪٽيندو رهيو.

اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار راحت فتح علي خان جو اهو روپ ڏسي حيران ٿي ويا آهن ته ڇا مٺڙو نظر ايندڙ ماڻهن جا اهي روپ به ٿي سگهن ٿا؟

هن وقت اها وڊيو ۽ معاملو بحث جو موضوع بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.