ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ جي شڪايت لاءِ ايپ متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ُڊريپ) سڄي ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ ۽ نه ملڻ جي شڪايت لاءِ پهريون ڀيرو موبائيل ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.
لاهور ۾ صوبائي ڊرگ ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ جي ڄاڻايل ايپ ذريعي نه رڳو دوائون نه ملڻ بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي پر ان سان اها به خبر پوندي ته ڪهڙي شهر ۾ هٿرادو کوٽ ۽ ذخيرا اندوزي ڪئي پئي وڃي.
ان ايپ کي گوگل پلي اسٽور تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿو، ايپ ۾ شڪايت ڪندڙ پاران اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، پر شڪايت ڪندڙ کي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر سميت موبائيل نمبر ۽ نالو فراهم ڪرڻو پوندو.
ڄاڻايل ايپ ذريعي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب آباد سميت ٻين شهرن جا ماڻهو دوائن جي کوت بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.