پيپلزپارٽي ڪراچي جي اميدوارن جا مختلف علائقن ۾ دورا، عوام پاران مڪمل حمايت جو اعلان

ملير ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ اٺ فيبروري تي رٿيل عام چونڊن جي سلسلي ۾ چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن.

پي ايس 84 جي پيپلزپارٽي اميدوار محمد يوسف بلوچ ۽ اين اي 231 جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ ۽ ٻين ملير جي يوسي ڀٽائي آباد جو دورو ڪيو.

اڳواڻن ڳوٺاڻن کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي مسئلن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ملڪ جي واحد پارٽي آهي، ملڪ جي عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي.

هنن چيو ته اٺ فيبروري تي سڄي ملڪ جي عوام پيپلزپارٽي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندي، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀُٽو زرداري هوندو.

علائقي واسين پيپلزپارٽي اميدوارن تي اعتماد جو اظهار ڪندي کين مڪمل حمايت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.