آءِ فون ۾ واءِ فاءِ جي اسپيڊ ڪيئن وڌائجي؟

ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انٽرنيٽ هن دور جي سڀ کان وڏي ضرورت بڻجي چڪي آهي.
واءِ فاءِ نيٽورڪ سمورن فونز ۾ انٽرنيٽ جو بنياد آهي جنهن جي ڪري سمارٽ فون ۾ ايپس کي هلائي سگھجي ٿو.
گھڻيون ڪمپنيون ٽيڪنالاجي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ پروگرامن تي ڪم ڪري رهيون آهن جن جو مقصد ڊيٽا جي تيز رفتار منتقلي ۽ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ آهي.
ايپل ڪمپني طرفان ان حوالي سان تازو ئي لانچ ڪيل آءِ فون 16 ۽ 16 پلس ۾ واءِ فاءِ جي رفتار کي بهتر بڻايو ويو اهي.
آءِ فون جي پراڻي ورجن کي استعمال ڪندڙ واهپيدارن پاران به اهو چيو پيو وڃي ته سندس سيٽن ۾ به واءِ فاءِ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
ايپل پاران پراڻن آءِ فونز ۾ ”آر اي ايم (رينڊم ايڪسيس ميموري) کي 6 جي بي مان وڌائي 8 جي بي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ايپس هلائي سگھجن.
ڪمپني پاران نئين واءِ فاءِ جي معيار کي به بهتر ڪيو ويو آهي جيڪو تيز ۽ وڌيڪ مستحڪم ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ لاءِ 6 جي فريڪوئنسي جو استعمال ڪري ٿو، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته سسٽم موجب رائوٽر به موجود هجي.
اها به اميد ڪئي پئي وڃڄي ته اپيل پاران واءِ فاءِ 7 سپورٽ کي شامل ڪيو ويندو جيڪو آءِ فون 16 پرو جي ورجن ۾ دستياب هوندو.
آءِ فون واهپيدارن جي ڪوشش هوندي آهي ته مستحڪم ۽ قوي رابطي لاءِ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي.
ان حوالي سان ماهرن واءِ فاءِ اسپيڊ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿيون.
واءِ فاءِ جا سگنلز ڪمزور ٿيڻ لڳن ته رائوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو.
نيٽ ورڪس سگنلز جي گھڻائي سان به واءِ فاءِ جي استقباليه سگنلز کي ريسيو ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جنهن جي ڪري ڏکيائي ٿيندي آهي.
اهڙي صورت ۾ رائوٽر جي سيٽنگز کي تبديل ڪري سگھجي ٿو ته جيئن سگنلز متاثر نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.