ايران ۾ 9 پورهيتن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ايران ۾ نوَ پاڪستاني پورهيتن جي قتل کي دهشتگردي ۽ نفرت جوڳو واقعو قرار ڏيندي فوري جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي علائقي سراوان ۾ پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان هڪ ڀوائتو ۽ نفرت جوڳو واقعو قرار ڏنو آهي.
ترجمان چيو ته هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهن، پاڪستان واقعي جي فوري جاچ ۽ ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي موجب، زهدان ۾ پاڪستاني قونصلر اسپتال وڃي رهيو آهي جتي ٽن زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي، سفير مقامي اختيارين سان به ملاقاتون ڪندو ۽ قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏيندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان سنگين معاملي کان آگاهه آهي ۽ ان سلسلي ۾ تمام ضروري قدم کنيا پيا وڃن، قتل ڪيل پورهيتن جا مڙهه جلد کان جلد وطن واپس آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي.
پرڏيهي کاتي وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا پاڪستان کي دهشتگردي جي خاتمي واري ويڙهه ۾ وڙهڻ کان روڪي نٿا سگهن.
واضح رهي ته ايران جي شهر سراوان ۾ نوَ پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني سرحد سان لڳندڙ ايراني صوبي سيستان ۽ بلوچستان جي شهر سراوان ۾ اڻچاتل هٿياربندن پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪيو.
مقامي ميڊيا موجب، واقعي ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، متاثر ۽ مارجي ويل پورهيت پاڪستاني هئا جيڪي مقامي ورڪشاپ تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اتي رهندڙ هئا.
هنيئر تائين ڪنهن تنظيم طرفان واقعي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي.
ٻئي پاسي ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو به واقعي ۾ 9 پاڪستانين پورهيتن جي قتل جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سراوان ۾ نوَ پاڪستانين کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پاڪستاني سفارت خانو سوڳوار ڪٽنب جي مڪمل پرگهور لهندو، زاهدان ۾ پاڪستاني قونصل جنرل واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال جو دورو ڪري چڪو آهي.
پاڪستاني سفير جو چوڻ هوته ايران سان پاڪستاني شهرين جي قتل جي واقعي تي مڪمل سهڪار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.