سائفر ڪيس: عمران خان ۽ جج وچ ۾ ڏندچڪ، شاهه محمود فائل ڀت ۾ وهائي ڪڍيو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ جج جي وچ ۾ ڏنڊ چڪ ٿيا جڏهن ته شاهه محمود قريشي سرڪاري فائل ڀت ۾ وهائي ڪڍيو.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ خاص عدالت جي جج ابوالحسنات سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عمران خان جي وڪيلن جي غيرموجودگي سبب ڪيس ۾ شاهدن جي بيانن تي آڏي پڇا شروع نه ٿي سگهي.
عدالت جي حڪمن تي عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سرڪار طرفان ڏنل وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن تي ٻنهي سرڪاري وڪيلن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.
عمران خان جج سان مڪالمو ڪيو ته جن وڪيلن تي اسان کي اعتماد ئي ناهي اِهي ڇا اسان جي نمائندگي ڪندا، جج صاحب هي ڪهڙو مذاق آهي؟ .
عمران چيو ته هو ٽن مهينن کان چئي رهيو آهي ته ٻڌڻي کان پهرين وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، هر هر درخواست باوجود وڪيلن سان صلاح مشورو جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، مشاورت نه ڪرڻ ڏني وئي ته ڪيس ڪيئن هلندو؟.
پي ٽي آءِ باني جي موقف تي جج چيو ته جيترو اوهان کي رليف ڏئي سگهجي ٿو مون ڏنو، ورزش لاءِ سائيڪل هجي يا وڪيلن سان ملاقات، اوهان جي درخواست منظور ڪئي، منهنجي رڪارڊ تي 75 درخواستون آهن جيڪي ملاقاتن بابت آهن، ان تي عمران خان چيو ته اوهان ملاقات جو حڪم ڏنو ته پر ملاقات نه ڪرائي وئي، اوپن ٽرائل ۾ ڪنهن کي جيل اچڻ کان ڪئين روڪي سگهجي ٿو؟ .
ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته هيڏي به سرڪار هوڏي به سرڪار هي مذاق ٿي رهيو آهي، ان تي جج چيو ته شاهه محمود قريشي صاحب، جيڪڏهن اوهان پاڻ آڏي پڇا ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان پاڻ به ڪري سگهو ٿا، ٽي دفعا تاريخ ڏني پر اوهان جي وڪيلن اچڻ جي تڪليف نه ڪئي.
شاهه محمود قريشي چيو ته هي سرڪاري ڊرامو نه هلندو، اهڙي طرح سان ٽرائل ڪي ڪهڙي ساک باقي رهندي، جج جواب ڏنو ته منهنجي لاءِ سولو هو ته مان ڊفنس جو حق ختم ڪري ڇڏيان ها، مون پوءِ به اسٽيٽ ڊفينس جو حق ڏنو، ان ڪسٽڊي جي ڪري مون کي هتي جيل ۾ اچڻو پئجي رهيو آهي، هو به ته ڪنهن ماءُ جو اولاد آهن جن جا ڪيس جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڇڏي آيو آهيان، مان آرڊر ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان پر اوهان جا وڪيل نه ٿا اچن، سپريم ڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ٽرائل ۾ رنڊڪون اچن ٿيون ته عدالت ضمانت رد ڪري سگهي ٿي.
شاهه محمود چيوته سپريم ڪورٽ جي ضمانت جي فيصلي جو به مذاق اُڏايو ويو، جيل کان ٻاهر نڪرندي ئي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
جج پڇاڻو ڪيو ته شاهه صاحب هن ڪيس کي لٽڪائڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟ شاهه محمود چيو ته جج صاحب جيل ۾ ڪو به خوش ناهي رهندو، پنهنجو وڪيل پيش ڪرڻ چاهيان ٿو سرڪاري وڪيلن تي اعتبار ناهي، ان تي جج چيو ته اوهان پنهنجي وڪيل کي گهرايو.
شاهه محمود چيو ته پراسيڪيوشن طرفان نامزد وڪيلن کان ڊفينس ڪرايو پيو وڃي، ان مان ته اِهو ئي ثابت ٿو ٿئي ته فيصلو اسان جي خلاف ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.