راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ۾ وومينز پليئرز پاڻ ۾ وڙهي پيون.
صدف شمس ۽ يسريٰ، عائشا بلال کي مارڪٽ ڪئي، پي سي بي فوري طور ايڪشن وٺندي ٽنهي ڪرڪيٽرز کي ميچ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ اڄڪلهه نيشنل وومينز ڪپ جا مقابلا جاري آهن جتي هوٽل ۾ ٽي ڏينهن اڳ اِهو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو.
ٻه ڏينهن اڳ عائشا بلال، صدف ۽ يسريٰ جي شڪايت ٽيم مئنيجمينٽ سان ڪئي جنهن تي فوري طور تي ٽنهي ڪرڪيٽرز تي هڪ، هڪ ميچ جي پابندي مڙهي وئي، جڏهن ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.