ايزي پئسا ايپ ۾ عورتن لاءِ بهترين فيچر شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊجيٽل فنانشل سروس پليٽ فارم ايزي پئسا عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ايسزي پئسا ايپ ۾ ”آڊيو نڪاح نامي“ جو جديد فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن سان عورتن کي پنهنجي شادي شدهه زندگي جي حقن تائين پهچ ملي سگھندي.
ان فيچر ذريعي عورتون پنهنجي جي اهم ترين فيصلي کي پڙهي ۽ سمجهي سگھنديون.
عورتون مخصوص نمبر0341117122 تي مس ڪال ڏئي هيلپ لائين يا ايزي پئسا ايپ ڊائون لوڊ ڪري ان آڊيو ٽول تائين پهچ حاصل ڪري سگھن ٿيون ۽ مختل ٻولين ۾ نڪاح نامي کي بڌي سگھن ٿيون.
ان کانسواءِ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن لاءِ ايپ ۾ اشارن جي ٻولي جو آپشن به موجود آهي.
اهو فيچر نه رڳ عورتن جي حقن بابت آگاهي فراهم ڪري ٿو پر شادين بابت ڳالهه ٻولهه جو موقعو به فراهم ڪري ٿو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.