گوگل جو لکت هدايتن سان وڊيو ٺاهي ڏيندڙ اي آءِ ٽول تيار

گوگل آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل وڊيو تيار ڪندڙ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي.

ڪمپني پاران ٻڌايو ويو آهي ته Lumiere نالي اي آءِ وڊيو ٽول واهپيدارن جي لکت هدايتن تي وڊيوز تيار ڪندي.

اڃا اهو ٽول عام ماڻهن لاءِ متعارف ناهي ڪرايو ويو.

ڪمپني ٻڌايو ته ان ٽول جي مدد سان واهپيدار سادي لکت هدايتن ذريعي هاءِ ڪوالٽي وڊيوز تيار ڪري سگھندا.

گوگل جو چوڻ آهي ته ان ٽول جا آزمائشي نتيجا بهترين ثابت ٿيا آهن.

گوگل پاران ان ٽول جا وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا پر ان جي پراجيڪٽ پيج موجب اهو هڪ اسپيس ٽائيم diffusion ماڊل آهي.

ڪمپني موجب اهو ٽول اسپيس ٽائيم اسڪيلز پراسيس ذريعي ٽيڪسٽ سان وڊيو تيار ڪري ٿو جيڪا ڏسڻ ۾ حقيقي نظر اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.