90 هزار سال پراڻا انساني پيرن جا نشان دريافت

سائنسدانن اتر اولهه مراڪش ۾ 90 هزار سال پراڻا انساني پيرن جا نشان ڳولي ورتا آهن.
اهي انسانن جي موجودهه نسل Homo sapiens جي اتر آفريقا ۾ مليل قديم ترين نشان آهن.
مراڪش، جرمني، اسپين ۽ فرانس جي ماهرن ٽي ٻڌل ٽيم پيرن جي انهن نشانن کا3 جولاءِ 2022ع ۾ مراڪش جي شهر العرائش ويجهو هڪ سامونڊي علائقي ۾ دريافت ڪيو هو.
هاڻ ان دريافت جي حوالي سان تحقيقي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.
محققن ٻڌايو ته اسان برفاني دور سان واسطو رکندڙ انسانن جي پيرن جا 85 نشان ڳوليا آهن.
نشانن جي ڪاٿي مان اشارو ملي ٿو ته اُهي ٻارن، نوجوانن ۽ بالغ ماڻهن جي پيرن جا نشان ٿي سگھن ٿا.
محققن موجب 85 مان 31 نشان امڪاني طور تي ٻارن جا آهن، 26 نوجوانن جا جڏهن ته 24 بالغ ماڻهن جا ٿي سگھن ٿا.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته باقي 4 بابت عمر جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ماڊل جا نتيجا مڪمل طور تي ٺوس ناهن.
محققن جو چوڻ هو ته ان هنڌ تي ڪو به اسٽرڪچر دريافت ناهي ٿيو تنهنڪري ٿي سگھي ٿو ته اها جاءِ گذرڻ جو رستو هجي يا غذائي گذرگاهه هجي.
محققن ٻڌايو ته ان دور جا ماڻهو شڪاري هئا پر ٿي سگھي ٿو ته جن ماڻهن جي پيرن جا نشان اسان کي مليا آهن اهي مختلف وسيلا ڳولي رهيا هجن.
هنن چيو ته مختلف تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته سامونڊي علائقا سدائين مختلف وسيلن جهڙوڪ ڪچي مال، شڪار يا ٻوٽن لاءِ اهم رهندا آهن.
سائنسدانن جو چوڻ هو ته ان دريافت سان اتر آفريقا خاص ڪري مراڪش جي اهميت ثابت ٿئي ٿي ۽ موجود دور جي انسانن جي اتي موجودگي جا اولين آثار ملن ٿا.
هنن چيو ته اتر آفريقا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ برفاني دور جي پيرن جا نشان ناهن مليا، تنهنڪري اهي ان خطي جا قديم ترين پيرن جا نشان آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا ۾ ڏيڍ لک سال پراڻا جڏهن ته سعودي عرب ۾ هڪ لک 20 سال پراڻن پيرن جا نشان دريافت ٿي چڪا آهن.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل سائنٽيفڪ رپورٽ ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.