حڪومت ٺاهي پاڪستان کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍنداسين: نواز شريف

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عوام ڏسي جڏهن هو وزيراعظم هو اِهو وقت ۽ هي وقت ڏسو ان ۾ ڪيترو فرق اچي ويو آهي؟ ڇا عوام کي سندس دور ياد ناهي ايندو؟ .
بوري والا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سندس دور ۾ بجلي جو بل پنج سئو رُپيا ايندو هو هاڻ ويهه هزار رُپيا ٿي ويو آهي، ڀاڄيون ڏهه، ڏهه رُپيا ڪلو ۽ ماني جي قيمت چار رُپيا هئي.
هن چيو ته ڇا عوام کي نواز شريف جو دور ياد ناهي ايندو؟ جڏهن ن ليگ جي حڪومتي دور لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي ۽ گئس سستي هئي؟ ڇا عوام نه ٿو چاهي ته اِهو دور واپس اچي؟ .
نواز شريف چيو ته پنج ججن سازش ذريعي سندس عوامي حڪومت ختم ڪئي جڏهن ڪجهه نه مليو ته رڳو پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ جيل ۾ وڌو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته عوام جي مدد سان انشاءَ الله پاڪستان کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍنداسين اهڙو دور آڻينداسين هر گهر ۾ روزگار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.