گھوٽڪي:  گھوٽا-ڀيري تڪرار تان وڌيڪ 2 ڄڻا قتل

گھوٽڪي ۾ گھوٽا ۽ ڀيري برادري وچ ۾ تڪرار تان وڌيڪ ٻه ڄڻا مارجي ويا.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چنا اسٽاپ وٽ گھوٽا ۽ ڀيري وچ ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڀيري برادري جو وڪيل احمد ۽ حليم ڀيري مارجي ويا جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا.

مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته تڪرار سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.