پي ٽي آءِ، بلاول جي حق ۾ هٿ کڻڻ تي سيف الله ابڙو کي شوڪار نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو پ پ جي حق اين اي 194 تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيٽر سيف الله ابڙو بلاول هائوس لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران عام چونڊن بابت نئين اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سيف الله ابڙو کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي آڇ ڪئي آهي.
ان موقعي تي سينيٽر سيف الله ابڙو اين اي 194 تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سڀ گڏجي شينهن جو رستو روڪينداسين.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ پاران سيف الله ابڙو کي ٽيڪنوڪريٽس جي مخصوص سيٽ تي سينيٽر بڻايو ويو هو.
سيف الله ابڙو لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 194 تان بلاول جي مقابلي ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا.
ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽر سيف الله ابڙو کي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ۽ بلاول ڀٽو جي حق ۾ هٿ کڻڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيس موجب، سينيٽر سيف الله ابڙو پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي حق ۾ پارٽي طرفان ڏنل ٽڪيٽ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نوٽيس جي متن موجب، سيف الله ابڙو سينيٽ آف پاڪستان ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو، پارٽي کيس عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ڏني.
نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته سيف الله ابڙو پارٽي کي ٽن ڏينهن اندر وضاحتي بيان جمع ڪرائي ۽ جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ پارٽي پاليسي ۽ ضابطن پٽاندڙ سندس خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.