قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ تبديلي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي بچت جي اسڪيمن جي منافعي جي شرح ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز موجب 26 جنوري کان قومي بچت جي مختلف اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 19 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي ڪئي وئي جنهن بعد ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 14.4 سيڪڙو مان گهٽجي 14.2 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

بهبود سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 16.1 سيڪڙو مان گهٽائي 16.08 سيڪڙو ڪئي وئي.

اهڙي ريت ريگولر انڪم سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 12 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي بعد 15.1 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

اسپيسل سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 40 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن بعد انهن سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 16.4 سيڪڙو مان گهٽجي 16 سيڪڙو ٿي وئي.

ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز موجب سيونگ اڪائونٽس تي منافعي جي شرح 20.50 سيڪڙو ۽ پينشنز بينيفٽس اڪائونٽس تي منافعي جي شرح 16.08 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

شارٽ ٽرم سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 46 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن بعد انهن سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 20.8 سيڪڙو مان گهٽجي 20.34 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.