سياسي قيدين بابت ڳالهه ڪندڙ خانگي جيل به ختم ڪن: شهباز شريف

منڊي بهاوالدين (م ڊ) ن ليگ صدر شهباز شريف  چيو آهي ته 2013 کان 2018 تائين اسان جي حڪومت ۾ ڪو سياسي قيدي نه هو. منڊي بهاوالدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جڏهن نواز شريف کي توهان 2013 ۾ اڪثريت ڏني ته ڌرڻو شروع ٿي ويو، پوءِ سازش ذريعي 2017 ۾ نواز شريف جي حڪومت ختم ڪئي وئي، اهو سڀ قوم کي ياد آهي. هن چيو هڪ سياستدان چئي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت ملي ته سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪندس، ان کي صلاح آهي ته خانگي جيلن جي خاتمي جو به اعلان ڪري، جتي ماڻهن تي تشدد ٿيندو آهي ۽ انهن کي قيد ۾ رکيو ويندو آهي، اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته نواز شريف جي 2013 کان 2018 جي دور ۾ ڪو سياسي قيدي نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.