صوبي ۾ اسڪولن جي بندش تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڏو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي صوبي ۾ تعليمي نظام ۽ اسڪولن جي کوٽ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سمورا اسڪول ٻن مهينن ۾ فعال ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.
113 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس صلاح الدين پنهور جاري ڪيو.
ٻڌڻي دوران جڊيشل مئجسٽريٽس جي رپورٽن ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا.
رپورٽن موجب استاد، عمارتون ۽ فرنيچر نه هجڻ سبب سنڌ ۾ 2 هزار 640 اسڪول بند آهن.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ 135 اسڪول بند پيا آهن، ڄامشوري ضلعي ۾ 109 ۽ جيڪب آباد ۾ 162 اسڪول بند آهن.
اهڙي ريت ٽنڊي محمد خان ۾ 6 گرلس اسڪولن سميت 85 اسڪول مڪمل بند آهن، دادو ضلعي ۾ 45، ميهڙ تعلقي ۾ 21 اسڪول رد ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.