عمران خان جو گهڻو ڌيان گورننس نه پنهنجي شهرت تي هو: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو وڌيڪ ڌيان گورننس نه پنهنجي شهرت تي هو، عمران خان جي گورننس جي معاملن ۾ دلچپسي نظر نه اچي رهي هئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، ماضي ۾ به شفافيت تي سوال اٿندا رهيا آهن پر ڪروڙين ووٽرن کي مينيج نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن وٽ ليول پليئنگ فيلڊ موجود آهي، جڏهن ته انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعن جي گهڻي حد تائين جاچ ٿي چڪي آهي، 9 مئي ۾ ملوث ڪجهه ماڻهن جو ڪيس ملٽري ڪورٽس، ڪجهه ڪيس سول ڪورٽس ۾ هلندا ۽ نئين حڪومت اچڻ کانپوءِ سزائون ٿيندي نظر اينديون.
هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته آئين ۾ 5 سالن جو وجود حڪومت نه پارليامينٽ جو آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ معاشي ۽ پرڏيهي مسئلا گهڻا هئا، پارليامينٽ ميمبرن پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي بي اعتمادي رٿ آندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.