هڪ مهينو سمارٽ فونز کان پري رهي ڊالرز ڪمائڻ جو طريقو ڄاڻيو

ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ موبائيل کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ڏاڍو ڏکيو آهي پر جيڪڏهن اوهان ان مشڪل تصور سان گڏ ( موبائيل فون کانسواءِ ) هڪ مهينو زندگي گذاريو ته اوهان ڊالرز ۾ انعام کٽي سگهو ٿا.
آئس لينڊ سان واسطو رکندڙ سيجي ڊيري ڪمپني طرفان ڊجيٽل ڊيٽوڪس پروگرام پيش ڪيو ويو آهي جنهن تحت هڪ مهيني تائين موبائيل فون استعمال نه ڪرڻ وارن ڏهه ڀاڳوند ماڻهن کي ڏهه هزار ڊالر روڪ ۽ ٻين انعامن سان نوازيو ويندو.
ڪمپني جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان پريشاني گهٽائڻ سان گڏ آسان زندگي گذارڻ تي يقين رکون ٿا، اڄ اسان جي زندگي ۾ سڀ کان وڏي پريشاني/مسئلو اسان جو فون آهي، حقيقت ۾ سراسري طور هر فرد روزانو 4 کان 5 ڪلاڪ موبائل فون استعمال ڪري ٿو.
ڪمپني جي بيان موجب، جيڪڏهن اوهان هڪ مهيني تائين موبائيل اسڪرين کان پري رهڻ ۾ ڪامياب رهيا ته اوهان هڪ سمارٽ فون لاڪ باڪس ۽ هڪ مهيني لاءِ پري پيڊ سِم ڪارڊ سان گڏوگڏ هڪ فلپ فون به کٽي سگهو ٿا.
ميڊيا رپورٽ موجب، پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ خواهشمند ماڻهو 31 جنوري تائين ڪمپني جي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست ڏئي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي پروگرام ۾ حصو وٺڻ جي خواهشمند ماڻهن کي هڪ مضمون جمع ڪرائڻو پوندو جنهن ۾ ڄاڻائڻو پوندو فون کان هڪ مهيني تائين پري رهڻ وارو عمل اوهان جي زندگي ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿو؟ جنهن کانپوءِ پروگرام لاءِ چونڊيل ماڻهو سمارٽ فونز کي هڪ فراهم ڪيل باڪس ۾ محفوظ طريقي سان اسٽور ڪندا ۽ پوءِ ڏهه خوش نصيب لکين رُپين جا انعام کٽي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.