اسان جي طاقت کي نه للڪاريو وڃي، ڏسو فتني کي ڪيئن ختم ڪيوسين: فضل الرحمان

ملتان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي اميدوارن کي چونڊن ۾ ويهارڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، اسان جي طاقت کي نه للڪاريو وڃي، اسان حرڪت ۾ آياسين ته ڪير ڪرسي نه بچائي سگهندو.
ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي طاقت بابت پڇڻو اٿوَ ته فتني کان پڇو جيڪو ختم ٿي چڪو آهي، امن نه هوندو ته معيشت به نه هلندي، پي ٽي آءِ کي ملڪ تي مڙهيو ويو ته جيئن معيشت تباهه ٿئي، اڄ نه امن آهي ۽ نه معيشت هلي رهي آهي.
هن چيو ته ڪا سياسي جماعت ۽ ڪو پاڪستاني سوچي سمجهي ملڪ کي نقصان نٿو پهچائي سگهي سواءِ هڪ فتني جي، جيڪو ملڪ کي معاشي لحاظ سان تباهه ڪرڻ جي ايجنڊا تي آيو هو، ملڪي معيشت کي ساڍا 3 سال باقاعدي منصوبابندي سان ڪيرايو ويو.
سندس چوڻ هو هر اميدوار سوچي ٿو ته اسيمبلي جو ميمبر بڻجي ڪهڙي وزارت ۾ وڌيڪ پئسو ٺاهي سگهي ٿو، اهڙي سياسي ڪرڻي آهي، جنهن سان عام ماڻهو جا حق پورا ٿي سگهن، اهڙو نظام هجي جو بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿئي.
فضل الرحمان چيو ته سياستدان ووٽ جي حد تائين عوام جي خدمت جي ڳالهه ڪندو آهي، شريعت اسان کي ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي، ملڪي سياست تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو قبضو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.