اجي ديوگن جي ڀوائتي فلم ” شيطان “ جي ٽيزر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ نامور اداڪار اجي ديوگن جي نئين ڀوائتي فلم ” شيطان “ جو ٽيزي جاري ڪيو ويو آهي.
اجي ديوگن انسٽاگرام تي ٽيزر جاري ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ” هو پڇندو توکان، هڪ راند آهي، کيڏندي؟ پر سندس ڏٽي ۾ نه اچجانءِ“.
فلم جي ڪهاڻي اڃا سامهون ناهي آئي پر ٽيزر مان اندازو ٿئي ٿو ته اِها نيڪي ۽ بدي جي وچ ۾ جنگ سان ڀرپور ڪهاڻي هوندي.
شيطان ذريعي نامور اداڪارا جيوتيڪا جي هندي سئنما ۾ ويهه ورهين کانپوءِ واپسي ٿي رهي آهي انڪري مداح گهڻو پرجوش نظر اچي رهيا آهن.
فلم جي هدايتڪاري وڪاس بهل ڏني آهي جڏهن ته اجي ديوگن، جيوتي ديش پانڊي، ڪمار منگت پاٺڪ ۽ اڀيشڪ پاٺڪ پرڊيوسر هوندا.
نئين سپر نيچرل ٿرلر ۾ اجي ديوگن سان گڏ ادڪار آر ماڌون شامل آهي، فلم اٺ مارچ تي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.