عام چونڊون: اليڪشن ڪميشن عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان عوام کي جعلي واٽس ايپ ڪالز کان خبردار ڪندي چيو آهي ته جعلي ڪالز اچڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي اسٽاف آفيسر سان لينڊ لائن تي رابطو ڪيو.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي سان جعلي واٽس ايپ ڪالز ۽ پيغامن تي اليڪشن ڪميشن ترجمان ردعمل ۾ چيو ته عوام کي خبردار ڪيو آهي ته جعلي واٽس ايپ ڪالز کان هوشيار رهن.
ترجمان چيو ته جعلي ڪالز اچڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي اسٽاف افيسر سان لينڊ لائن رابطو ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن آفيسر يا ڪنهن جي به طرفان ڪا ڪال يا پيغام ملي ته تصديق ڪئي وڃي.
اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز به اهڙي قسم جي ڪنهن ڪال يا پيغام تي عمل نه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.