دڪاندارن تي ٽيڪس لاءِ اسڪيم تيار، ماهوار وصولي ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ دڪاندارن تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري ورتي ۽ رجسٽريشن لاءِ ”تاجر دوست“ موبائل ايپ به تيار ڪئي وئي آهي.
سڄي ملڪ ۾ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪئي وئي آهي، ريٽيلرز تي ايف بي آر ٽيڪس لڳائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪئي آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب چونڊن کان اڳ واپارين لاءِ ريٽيلر اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي، واپارين جي رجسٽريشن لاءِ ”تاجر دوست“ موبائل ايپ تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر واپارين کي دوست ايپ ذريعي رجسٽرڊ ڪيو ويندو، دوست ايپ ذريعي دڪاندارن جي آمدني جو رڪارڊ ايف بي آر کي وصول ٿيندو.
دڪاندارن تي سالياني آمدني موجب ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جيڪو ماهوار بنيادن تي وصول ڪيو ويندو، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۾ ريٽيلرز تي ٽيڪس لڳائي 100 ارب رپيا روينيو حاصل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ٻئي مرحلي ۾ ٻين شهرن جي واپارين لاءِ اسڪيم ۾ رجسٽريشن شروع ڪئي ويندي ۽ سڄي ملڪ ۾ ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان تقريبن 300 اربن کان وڌيڪ آمدني جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.