شينهن گهر ويهي چاهي ٿو ته ٻيا مون لاءِ شڪار ڪن: بلاول ڀٽو زرداري

گجرات (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جا مخالف گهرن مان ئي نه پيا نڪرن، شينهن شڪار لاءِ ڇو نه پيو نڪري؟ ڪو ته سبب آهي.
گجرات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توهان ڪڏهن انهن کي ايترو خوفزده ڏٺو آهي؟ اسان جا مخالف گهرن مان ئي نه پيا نڪرن، ڪو ته سبب آهي جو شينهن شڪار لاءِ نه پيو نڪري، شينهن چئي رهيو آهي ته منهنجي لاءِ ٻيو ڪو شڪار ڪري، سڀ ڪجهه تيار ٿئي ته بادشاهه اچي وڃي.
هن چيو ته اهو شينهن عوام جو رت چوسيندو آهي، چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش رکندڙ چئي ٿو ته اڃا منشور تيار ٿي رهيو آهي، اها ساڳي ضياءُ الحق واري پراڻي جماعت آهي، نواز شريف هارائڻ کانپوءِ واپس لنڊن هليو ويندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪي چوندا هئا پنجاب ۾ پ پ موجود ناهي اهي ڏسي ڇڏين، اقتدار ۾ اچي 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.