شاهين شاهه جي اعظم خان سان شرارت، وڊيو وائرل

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن ۾ جاري انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي جي فوٽو شوٽ دوران شاهين آفريدي ساٿي ڪرڪيٽر اعظم خان سان شرارت ڪرڻ کان نه مڙيو.
ميچ جي بهترين بالر تيار ڪيل وائٽ بيلٽ شاهين آفريدي اعظم خان جي چيلهه تي ٻڌي ۽ ان دوران اعظم خان به مشهور ريسلر جي نقل جي ڪوشش ڪندو رهيو.
ان دوران ٺهيل ٻنهي ڪرڪيٽرز جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ شاهين آفريدي ۽ اعظم خان جا مداح وڊيو تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.


پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان شاهين آفريدي انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي ۾ شاندار شروعات ڪئي، ڊيزرٽ وائپرز جي نمائندگي ڪندي شاهين گلف جائنٽس خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
شاهين آفريدي پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ 22 رنسن عيوض 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جنهن تي کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنوويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.