ايس پي ايل ۾ سنڌي ڪرڪيٽرز کي نه کيڏائڻ وارو مامرو، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پريميئر ليگ( ايس پي ايل ) خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.
هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پريميئر ليگ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سرڪار جو سنڌ پريميئر ليگ سان ڪو واسطو نه آهي، سنڌ حڪومت رڳو سهولتون فراهم ڪرڻ جو چيو هو.
ايس پي ايل جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اڄ کان سنڌ پريميئر ليگ شروع ٿي رهي آهي، ڪروڙين رُپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻين صوبن جي رانديگرن کي ليگ کيڏائي پئي وڃي، صوبي ۾ رانديگرن جي ٽرائلز جو چيو ويو پر ٽرائلز نه ورتا ويا.
جنهن تي ايس پي ايل جي وڪيل چيو ته پرائيويٽ ماڻهو ليگ ڪرائي رهيا آهن، هر ٽيم ۾ 18 رانديگرن مان 5 رانديگر سنڌ جي ڊوميسائل تي کيڏي رهيا آهن، جڏهن ته پليئنگ اليون ۾ سنڌ جو ڊوميسائل رکڻ وارا ٻه رانديگر شامل هوندا.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ پريميئر ليگ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.