پاڪستاني ڄائو آسٽريلوي اوپنر آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار

دبئي(ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) سال 2023ع جي بهترين ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي مينز ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ، عثمان خواجا، ڀارت جي اسپنر روي چندرن ايشون ۽ انگلينڊ جي جوئي روٽ ۾ سخت مقابلو هو.
پر آسٽريلوي اوپنر عثمان خواجا سال 2023ع دوران شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.


عثمان خواجا سال 2023ع دوران 13 ٽيسٽ ميچز ۾ 1210 رنسون اسڪور ڪيون، هن ڏکڻ آفريڪا خلاف ناٽ آئوٽ 195 ۽ ڀارت خلاف 180 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.