مريم نواز جو پ پ تي حملو، 15 سال حڪومت ڪندڙ 15 منصوبا ٻڌائين: ن ليگ اڳواڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نالو کڻڻ بنا بلاول ڀٽو زرداري کي جواب ڏنو آهي ته پنجاب ۾ ايندڙ ڪجهه جماعتون اهڙيون آهن، جن 15 سال حڪومت ڪئي پر انهن وٽ ٻڌائڻ لاءِ 15 منصوبا ناهن.
پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 119 سنگهه پورا لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان نواز شريف جا 1500 منصوبا ٻڌائي سگهان ٿي، پنجاب جي عوام کي نواز شريف تي تنقيد برداشت ناهي، ن ليگ کانسواءِ سڀ جماعتون اهڙيون آهن، جن ڪجهه نه ڪيو، ٻيون جماعتون رات ڏينهن تنقيد ڪنديون آهن ۽ الزام هڻنديون آهن.
هن چيو ته هڪ شخص پنجاب ۾ چئي رهيو آهي ته نواز شريف اڃا تائين منشور ناهي ڏنو، نواز شريف ايندڙ ڏينهن ۾ منشور ڏيندو، مون کي احساس آهي ته مون کي رات ڏينهن توهان جي خدمت ڪرڻي آهي، نواز شريف جيڪو منشور ڏنو هو ان تي عمل به ڪيو، نواز شريف عوام جي مينڊيٽ تي ڪم ڪرايو، جتي مينڊيٽ نه مليو اتي به ڪم ڪرايو.
سندس چوڻ هو مان اها اميدوار ناهيان، جنهن کي ماڻهو پرچي تي لکي ڏيندا آهن ته هي مسئلو آهي، مان اها آهيان جيڪا پتو ڪري آئي آهيان ته تڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن، منهنجو وس پڄي ته تڪ جو هر در کڙڪائي پڇان ته ڪهڙا مسئلا آهن، اسان هي ملڪ ڇڏي نه وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.