ملڪ پارلياماني جمهوري نظام تي هلندو ۽ ان تي سڀني جو اتفاق آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تي هلندو ۽ ان تي سڀني جو اتفاق آهي.
اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن ضابطا جاري ڪيا آهن، ميڊيا اليڪشن ڪميشن جي ضابطن کان ضرور آگاهه هجي، چونڊن بابت بي بنياد پروپئگنڊا ڪئي پئي وئي، 8 فيبروري تي چونڊن بابت ڪيترن ئي ماڻهن اڳڪٿيون ڪيون.
هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجو موقف مستقل مزاجي سان پيش ڪيو، ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تي هلندو ۽ ان تي سڀني جو اتفاق آهي.
سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم ۾ آرٽيڪل 224 ۾ ترميم ڪري نگران حڪومتن جو نظام آندو ويو، پارلياماني نظام ۾ قانون سازي سان بهتري آڻي سگهجي ٿي، عوام وٽ اختيار هجڻ گهرجي ته اهي پنهنجي چونڊيل نمائندن کي جوابده بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.