ڪينيڊا ۽ آمريڪا جيان ڀارتي ايجنٽ پاڪستان ۾ به شهرين جي قتل ۾ ملوث نڪتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارتي ايجنٽن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ٻڌايو ته گذريل سال پاڪستاني شهري شاهد لطيف کي سيالڪوٽ ۾ مسجد ٻاهران قتل ڪيو ويو هو، شاهد لطيف جي قتل ۾ ڀارتي ايجنٽ ملوث آهن، ڀارتي ايجنٽ شاهد لطيف جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي، شاهد لطيف کي قتل ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن جون خدمتون ورتيون ويون.
هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي به راولاڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارتي ايجنٽ اجرتي قاتل ذريعي محمد رياض کي قتل ڪرايو، سيڪيورٽي فورسز اجرتي قاتل کي گرفتار ڪيو، جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارتي ايجنٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ به ملوث نڪتا.
سندس چوڻ هو ته عالمي سطح تي ڀارت جو گهيرو ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي ايجنٽن جا تفصيل موجود آهن، ٻن ڪيسن جا تفصيل شيئر ڪنداسين، ڪجهه ڪيس اڃا جاچ هيٺ آهن، جاچ ۾ خبر پئي ته ڀارتي ايجنٽ يوگيش ڪمار ان ۾ ملوث آهي، اشوڪ ڪمار ۽ يوگيش ڪمار ڀارتي ايجنٽن ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن ذريعي انهن ايجنٽن جي خبر پئي.
پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيس سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جواب ڏيڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي ملڪ جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي آهي.
سائرس سجاد قاضي چيو ته ڀارتي ايجنٽن جا اعترافي بيان به آهن، جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آهن، اسان وٽ فنانشل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آهن، انهن ايجنٽن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ شيئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه پيا چئون پر ڪينيڊا ۽ آمريڪا به اهڙي قسم جي ڪارروائين جي نشاندهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.