ڪوهلي ۽ بابر کانسواءِ به ڀارت ۽ پاڪستان وٽ کوڙ باصلاحيت رانديگر آهن: هرڀجن سنگهه

دبئي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه چيو آهي ته قيادت جي تبديلي سبب پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي متاثر ٿي، فيصلو غلط وقت تي ڪيو ويو.
دبئي ۾ پاڪستاني ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي هرڀجن سنگهه چيو ته ڪپتان جي تبديلي عالمي ڪپ دوران پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي جو ردعمل هو، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرڪيٽ تمام وڏي راند آهي، ٻنهي ملڪن لاءِ ميگا ايونٽ ۾ اوهان سٺو نه کيڏيا ته ڪيريئر ختم ٿي ويندو آهي.
هن چيو ته ڪپتان بدلائڻ وارو فيصلو صحيح وقت تي نه ڪيو ويو، ڪو به هڪ فيصلو ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي گهڻو پوتي وٺي ويندو آهي شايد اِهو پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ به ائين ثابت ٿيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي پر ٽيم جو اعتماد جو قفدان آهي، جنهن جي بحالي لاءِ پاڪستان کي ڏکيون ميچون کيڏڻيون ۽ کٽڻيون پونديون.
هن چيو ته بابر اعظم سٺو رانديگر آهي پر ساڻس گڏ پاڪستاني ٽيم ۾ ٻيا به ڪيئي باصلاحيت ڪرڪيٽرز موجود آهن، پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن ۾ ائين ٿيندو آهي ته اسان ڪنهن هڪ پليئر جي ئي تمام گهڻي واکاڻ ۽ ٻين کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.