ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪ ڪمپني گوگل اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ نئون فوٽو فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪو تصويرون ترتيب ڏيڻ ۽ فون صاف رکڻ ۾ مدد ڪندو.
فوٽو اسٽيڪس نالي اهو فيچر ڪڍيل تصوير کي وقت جي حساب سان ننڍا ننڍا البم ٺاهي ٿو. جنهن سان هڪ ئي وقت ڪڍيل تصويرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
اهو فيچر تصويرن کي ائين ئي ترتيب ڏئي ٿو جيئن آءِ فون جي البم فوٽو ايپ تصويرون ڇانٽي ڪندي آهي.
رپورٽ موجب هاڻي واهپيدار ايپ جي مدد سان 100 تائين تصويرون گڏ ڪري سگھندا. پر واهپيدارن کي اهو فيچر استعمال ڪرڻ کان اڳ تصويرن کي بيڪ اپ ڪرڻو پوندو. اهو فيچر فون ۾ سيو ٿيل تصويرن تي ڪم نه ڪندو.
اهو فيچر هن وقت رڳو آءِ فون ۽ پڪسل جهڙا فون استعمال ڪندڙن لاءِ موجود آهي. پر گوگل هاڻي اهو فيچر وڏي پيماني تي اينڊرائڊ فونز لاءِ به متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان فيچر کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ بابت هڪ پوپ اپ ونڊو ذريعي کين آگاهه ڪيو ويندو.