هڪ مهينون فون استعمال نه ڪندڙن لاءِ وڏي آڇ

پرڏيهي ڪمپني هڪ مهينو موبائيل فون استعمال نه ڪرڻ تي انعام جي آڇ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب آئيس لينڊ جي هڪ ڊيري پراڊڪٽ برانڊ (سيجي) پنهنجي ”ڊجيٽل ڊيٽوڪس پروگرام“ تحت هڪ مهينو موبائيل فون استعمال نه ڪندڙ 10 ماڻهن کي 10 هزار ڊالر انعام ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.
چونڊيل ماڻهو پنهنجي فون کي هڪ فراهم ڪيل دٻي ۾ محفوظ طريقي سان رکي ڇڏيندا ۽ مهيني تائين استعمال نه ڪندا. چئلينج ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي کين 10 هزار ڊالر انعام ڏنو ويندو.
ڪمپني پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان سادي زندگي گھارڻ جي طاقت تي يقين رکون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.