”80 سيڪڙو فوج پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، عوام جي ڪاوڙ 8 فيبروري تي نڪرندي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته 9 مئي واقعن تي نگران وفاقي حڪومت جي نگراني ۾ جاچ کي نٿا مڃون، عوام جي ڪاوڙ 8 فيبروري تي نڪرندي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته 9 مئي بابت ڪا آزاد انڪوائري ناهي ٿي، جنهن به ڀڃ ڊاهه ڪئي، ان کي پڪڙيو وڃي پر اڳ ۾ آزاد جاچ ڪرائي وڃي، نگران حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن مليل آهن.
هن چيو ته 80 سيڪڙو فوج پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، ڇا به ڪيو پي ٽي آءِ کي نٿا هارائي سگهو، اهڙي پري پول ڌانڌلي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي، انهن کي 8 فيبروري تي به ڌانڌلي ڪرائڻي آهي، منهنجو هٿ عوام جي رڳن تي آهي، عوام جي ڪاوڙ 8 فيبروري تي نڪرندي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي جلسن ۾ ماڻهو نه پيا اچن، انهن جي جلسن ۾ به پي ٽي آءِ جا نعرا لڳي رهيا آهن، نواز شريف پاڻ گهر ويٺو آهي ته کيس سليڪٽ ڪيو پيو وڃي، کيس مهم هلائڻ جي ضرورت ئي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.