روس جو فوجي جهاز تباهه، 74 ماڻهو فوت

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جو يوڪرين جي 65 جنگي قيدين کي کڻي ايندڙ جنگي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سڀ ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز يوڪرين کان موٽيندي بيلگوروڊ واري علائقي ۾ تباهه ٿي ويو.
ان جهاز ۾ يوڪرين جي 65 جنگي قيدين کي روسي قيدين سان مٽاسٽا لاءِ آندو پيو وڃي جڏهن ته جهاز ۾ عملي جا 5 ميمبر ۽ 3 روسي فوج به سوار هئا جيڪي حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن.
ٻي پاسي مقامي يوڪريني ميديا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته روسي جهاز کي نشانو بڻائي ڪيرايو ويو آهي ڇو جو اهو جهاز دفاعي نظام لاءِ ميزائيل کڻي وڃي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.