گم ٿيلن جو ڪيس، پوليس جو رويو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ پوليس قدمن کي غير سنجيده قرار ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ۽ جسٽس خادم حسين تنيو گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي گم ٿيلن جي آزادي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت پوليس جا قدم غير سنجيده آهن، پوليس جو رويو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ۽ افسوس جو مقام آهي.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهري کي ڪنهن حراست ۾ ناهي ورتو، هو گم ٿي ويو آهي، گم ٿيل شهري سياسي جماعت جو ڪارڪن هو ۽ ذاتي دشمني به هئي.
عدالت سوال ڪيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته هو پاڻ گم ٿي ويو آهي؟ شهري 2015 کان گم آهي، هاڻ چئو ٿا ته پاڻ هليو ويو آهي، گم ٿيل شهري جو پتو نه لڳايو ويو ته ڪيئن حتمي راءِ قائم ڪئي وئي ته پاڻ هليو ويو آهي؟ ان قسم جو بيان ڏيڻ تي توهان جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن شهري پاڻمرادو روپوش آهي ته ڳولڻ اڃا سولو آهي.
پوءِ عدالت ٻين شهرين جي آزادي بابت به 28 فيبروري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.