منظور وساڻ جون سياسي جماعتن بابت نيون اڳڪٿيون

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ آزاد اميدوار ڪامياب ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏسي ورتو.
پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو مان خواب ڏٺو آهي ته آزاد اميدوار چونڊون کٽي پ پ ۾ ايندا ۽ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ 30 يا 40 سيٽون کڻي سگهي ٿي.
هن چيو سٺو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ آهي، ٻاهر هجي ها ته کيس چونڊن لاءِ اميدوار به نه ملن ها.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن وقت ن ليگ ۾ وزارت عظميٰ لاءِ اختلاف سامهون اچن، محسوس ٿي رهيو آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي پ پ جي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.