سر سيد يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ اسميڪ 24-2023 جو انعقاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوجوان ۽ باصلاحيت شاگردن جي تخليقي ۽ ذهني صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي اسپيڊ مائنڊ ايگزيڪيوشن مقابلن SMEC 23-24 جي پڄاڻي جي تقريب جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيم جي صورت ۾ ۽ انفرادي طور حصو ورتو.
ايڌي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سربراهه فيصل ايڌي چيو ته هن ڊجيٽل دور ۾ ٽيڪنيڪي مهارت جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي گهرجن ۽ ضرورت جي لحاظ سان شين ۾ تبديلي هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن سان بهتر شئي نکري سامهون ايندي آهي، اسان پنهنجي سڀني اسٽيڪ هولڊرز ۽ عوام سان سڌي ريت رابطي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.
ان موقعي تي سر سيد يونيورسٽي جي المنائي اسٽوڊنٽ جي ٺاهيل اليڪٽرڪ ايمبولينس جو نمونو ڏيکاريو ويو، جنهن تي هن ان کي ساراهيو ۽ پوءِ ان تي ٽيسٽ ڊرائيو به ڪئي.
سر سيد يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين خطاب ڪندي چيو ته ٽيڪنيڪي تعليم معاشي ترقي ۽ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ قومي انساني سرمائي ۾ هنرمند ماڻهن جي هڪ بهترين ٽيم جي واڌ ڪندي آهي، جنهن سان نه رڳو پيداواري وسيلا وڌندا آهن پر زندگي جي معيار ۾ به بهتري ايندي آهي.
هن مستقبل ۾ اهڙين صحتمداڻين سرگرمين کي جاري رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڊجيٽل معاشري ۾ شاگردن کي پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ اهڙيون تعميري ۽ هاڪاري سرگرميون جاري رکڻ ضروري آهن.
خيالن جو اظهار ڪندي علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڪنوينر انجنيئر محمد ارشد خان چيو ته تعليمي ادارن جي گڏيل سهڪار سان ترقي جا نوان رستا کلندا، دنيا ۾ تبديلي جي رفتار تمام تيز آهي، جيڪڏهن اسان اڄوڪي دور جي گهرجن موجب پاڻ کي تبديل نه ڪيو ته پوئتي رهجي وينداسين.
سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار انجنيئر سيد سرفراز علي چيو ته تيز رفتاري سان ڪيل فيصلا توهان کي ٻين ادارن کان ممتاز ڪندا آهن، گيم ڊيولپمينٽ ايپليڪيشن انڊسٽري جو هڪ اهم جز بڻجي چڪي آهي، ڇو ته ان ۾ سڀني موبائل ايپس جو تقريبن 70 سيڪڙو آهي ۽ سمارٽ ۽ اينڊرائيڊ فون جي متعارف ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي معيشت ۾ به بهتري آئي آهي ۽ ترقي ۾ واڌ ٿي آهي.
رجسٽرار شاندار پروگرام تي پروگرام جي انچارج عائشه عروج، پروگرام جي صدر عمر فريدي ۽ جنرل سيڪريٽري جوريه علي ۽ سندس ٽيم کي ساراهيو ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
تقريب جي پڄاڻي تي مقابلي ۾ کٽيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊز ورهايون ويون، بهترين مقابلا ڪرائڻ تي گرانڊ فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شيخ راشد عالم طرفان گرانڊ انوويشن ايوارڊ ڏنو ويو، جنهن کي سر سيد يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين رجسٽرار سيد سرفراز علي سان گڏ وصول ڪيو، پوءِ ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر وليج حيدر خاص مهمان سميت سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.