چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نون ليگ اڳواڻن مريم اورنگزيب ۽ ميان جاويد لطيف سميت ٻين کي چرڏياريندڙ تقرير واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد نويد اقبال بريت جي درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
مريم اورنگزيب جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ چئنل جو نالو به ناهي ٻڌايو ويو، نه ئي ڪيس جو ڪو شاهد آهي، پنج ڏينهن جي دير سان سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيوويو، عدالت کان استدعا آهي ته ڪيس مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت بريت جي درخواستون منظور ڪندي سمورن جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، جوابدارن خلاف گرين ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.