چانهه عمر وڌائي ٿي، سائنسدانن جي دعويٰ

جيڪڏهن توهان چانهه پيئڻ پسند ڪندا آهيو، سٺي خبر اها آهي ته اهو شربت پوڙهائپ ڏانهن سفر سست ڪري سگهي ٿو.
اها دعويٰ چين ۾ ڪيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
سيچوان يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ 30 کان 79 سالن جي عمر جي لڳ ڀڳ 14 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو هو ته چانهه پيئڻ سان صحت ۽ عمر تي ڪهڙا اثر پوندا آهن.
نتيجن مان خبر پئي ته چانهه پيئڻ جي عادت سان حياتياتي عمر وڌڻ جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي، خاص طور تي مناسب مقدار ۾ ان شربت کي پيئندڙن ۾ اهو اثر ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته روز 3 ڪوپ چانهه پيئڻ سان پوڙهائپ ڏانهن سفر کي سست ڪري سگھجي ٿو يا ائين چئجي ته اوهان پاڻ کي ڊگھي عرصي تائين جوان رکي سگھو ٿا.
هنن تسليم ڪيو ته ضروري نه آهي ته ائين هر فرد سان ٿئي پر چانهه ۾ موجود جُز امڪاني طور تي پوڙهائپ ڏانهن سفر سست ڪري سگھن ٿا.
هنن ٻڌايو ته چانهه پولي فينولز نالي مُرڪبن ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور شربت آهي.
پولي فينولز مرڪب ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس جسماني سوڄ م گھٽتائي آڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن جڏهن ته سيلز کي پهچندڙ نقصان جي روڪٿام ڪندا آهن.
پولي فينولز معدي ۾ موجود بيڪٽيريا جي واڌ ويجهه لاءِ به اهم هوندا آهن ۽ اهي بيڪٽيريا ميٽابولزم، مدافعتي نظام ۽ دماغي فعلن تي اثر وجهندا آهن.
محققن جو چوڻ وه ته نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته ڪهڙا مرڪب جوان رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.
پر سندن چوڻ هو ته هيل تائين شاهديون پرجوش ڪري ڇڏيندڙ آهن ۽ ظاهري طور تي چانهه پيئڻ سان اوهان عمر وڌڻ جي رفتار سست ڪري سگھو ٿا جڏهن ته پوڙهائپ ۾ ٿيندڙ مرضن جو خطرو به گھٽائي سگھو ٿا.
ان تحقيق جا نتيجا دي لانسيٽ ريجنل هيلٿ ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.