مارڪ ووڊ ڀارتي ڪپتان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي!

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) انگلش فاسٽ بالر مارڪ ووڊ ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز شروع ٿيڻ کان اڳ روهت شرما جي شارٽ بالز تي مهارت جو اعتراف ڪندي کيس خبردار پڻ ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ مارڪ ووڊ چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما شارٽ بالز کي بهتر انداز ۾ کيڏندو آهي، پر ان جو مطلب اِهو قطعي ناهي ته هو کيس بائونسر نه ڪندو.
هن چيو ته روهت شرما کي سوگهو ڪرڻ لاءِ کيس درست ۽ صحيح وقت تي بائونسر ڪرڻو پوندو.
انگلش فاسٽ بالر چيو ته هو ڀارت ۾ پيش چئلينجز کان واقف آهن پر ڊسمبر 2022ع ۾ پاڪستان کي سندس سرزمين تي 0-3 تان شڪست ڏيندڙ ٽيم ڀرپور ڪارڪردگي ڏيکاريندي.
هن چيو ته ڀارتي ٽيم پنهنجي تمام گهٽ ميچون هارئيندي آهي، سندس خيال هي موقعو هڪ فري هِٽ جيان آهي جتي اسان ڪجهه مختلف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا.
مارڪ ووڊ چيو ته اسان ويجهڙ ۾ پاڪستان پاڪستان کي سندس سرزمين شڪست ڏئي تاريخ ريم ڪئي، ڀارت کي به هارائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
واضح رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڀارتي بيٽر جو انگلينڊ خلاف رڪارڊ شاندار رهيو آهي، روهت شرما 17 اننگز ۾ 49 ڏهائي 80 جي ايوريج سان 747 رنسون ٺاهيون آهن جنهن ۾ ٻه سينچريون ۽ ٽي ففٽيون پڻ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.