سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ چونڊن ۾ پراڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي.
صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان 2008 ۾ جيتريون سيٽون کنيون، 2013 ۽ 2018 ۾ ان کان وڌيڪ سيٽون کنيون.
هن چيو ته ڪراچي ۾ نه رڳو پ پ پر ٻين جماعتن تي به حملا ٿيا آهن، ايم ڪيو ايم هڪ هارايل جمعات نظر اچي رهي آهي، ايم ڪيو ايم هن وقت شديد وائڙائپ جو شڪار آهي، سنڌ جو عوام 8 فيبروري تي انهن کي جواب ڏيندو، ڪراچي جو ميئر پ پ جو آهي، ڪراچي مان اسان ئي کٽينداسين.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن نه وڙهيا، ڊڄان ٿو ته هنن چونڊن مان به نه ڀڄي وڃن، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آزاد ماڻهن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، 9 مئي واقعن ۾ جيڪي ملوث آهن، انهن سان ڪو اتحاد نه ٿيندو.
Prev Post
Next Post
You might also like