گھڻو وقت ويهي گذاريندڙ لاءِ وڏو نقصان

جيڪڏهن اوهان ڏينهن جو گھڻو وقت ويهي گذاريو ٿا ته اها عادت وقت کان اڳ موت سميت مختلف موتمار مرضن جو خطرو وڌائينديون آهن.
اها تنبيهه نئين طبي تحقيق ۾ سامهون ائي آهي.
طبي ماهرن ڊگھي عرصي کان چئي رهيا آهن ته سست طرز زندگي صحت لاءِ تماڪ واپرائڻ جيتري ئي خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي.
اهڙن خيالن کي نظر ۾ رکندي ماهرن پاران اها تحقيق ڪئي وئي.
جرنل JAMA نيٽورڪ اوپن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ڏينهن جو گھڻو وقت ويهي ڪري گذارين ٿا، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو 16 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.
تحقيق دوران سست طرز زندگي يا گھڻو وقت ويهي ڪري گذاريندڙ لڳ ڀڳ 5 لک ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
تحقيق دوران ڏٺو ويو ته جسماني سرگرمين، ويهي گذاريو ويندڙ وقت ۽ طرز زندگي جا ٻيا عنصر صحت تي ڪيتري حد تائين اثرانداز ٿين ٿا.
تحقيق دوران دريافت ڪيو ويو ته گھڻو وقت ويهي گذارڻ سان دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن سبب موت جو خطرو 34 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھڻو وقت ويهي ڪري گذارڻ جي عادت کي گھڻا ماڻهو جديد طرز زندگي جو عام حصو سمجهن ٿا ۽ ان تي ڌيان نٿا ڏين.
محققن موجب نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته ويهڻ جي وقت ۾ گھٽائي ۽ جسماني سرگرميون وڌڻ سان صحت تي هاڪاري اثر پون ٿا جڏهن ته وقت کان اڳ موت ۽ دل جي شريانين جي مرضن جو خطرو گھٽجي ٿو.
محققن ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي ڪم جي ڪري سڄي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ويهڻو پوي ٿو ته روز 15 کان 30 منٽن جي ورزش کي عادت بڻايو ته جيئن وقت کان اڳ موت ۽ موتمار مرضن جو خطرو گھٽجي سگھي.
سندن چوڻ هو گھڻو وقت ويهي گذارڻ سان رت جي گردش محدود ٿي ويندي آهي خاص طور تي جسم جي هيٺين حصي ۾ رت جو وهڪرو گھٽجي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح ويهي وقت گذارڻ سان ٿولهه جو خطرو به وڌندو آهي ڇو جو غذائي ڪيلوريز گھٽ سِڙنديون آهن، جنهن سان شگر ۽ بُڪين جي مرضن سان گڏوگڏ دل جي مرضن کي به منهن ڏئي سگھجي ٿو.
محققن موجب ڪم دوران ڪجهه وقت لاءِ پنڌ ڪرڻ، بيهڻ يا ڏاڪڻيون چڙهڻ جهڙين سرگرمين سان خطرا گھٽائي سگھجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.