ٽيليگرام ۾ واٽس ايپ جهڙو بهترين فيچر متعارف

واٽس ايپ جو مشهور فيچر ميسيجنگ ايپ ٽيليگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيليگرام استعمال ڪندڙ هاڻي وڊيو ۽ آڊيو پيغام موڪلي سگهندا جيڪي هڪ ڀيرو ڏسڻ يا ٻڌڻ بعد ڊليٽ ٿي ويندا.
ياد رهي ته View Ones فيچر سيپٽمبر 2023 ۾ ٽيليگرام ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
هن وقت ان فيچر تحت رڳو تصويرون موڪلي سگهجن ٿيون پر هاڻي وڊيو ۽ وائس پيغامن کي به ان جو حصو بڻايو پيو وڃي.
وڊيو يا آڊيو ميسيج رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ واهپيدار View Ones جي آئڪن تي ڪلڪ ڪندا، ان کان پوءِ رڳو هڪ ڀيرو ئي پيغام ڏسڻ ممڪن هوندو.
ان کان سواءِ ٽيليگرام ۾ وائس ۽ آڊيو ميسيج جي رڪارڊنگ دوران پاز ۽ پلي جو فيچر پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
اهڙي طرح، ٽيليگرام استعمال ڪندڙ به هاڻي اهو ڏسي سگهندا ته ڪنهن ماڻهو انهن جا ميسيج ون آن ون چيٽس ۾ ڪڏهن ڏٺا آهن.
بهرحال، توهان سيٽنگز ۾ وڃي ان خاصيت کي بند ڪري سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.