غير قانوني سمن جي روڪٿام لاءِ پي ٽي اي اهم قدم کڻي ورتو

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) غير قانوني سمن جي روڪٿام لاءِ اهم قدم کڻندي ڊپليڪيٽ سم جي ڪارڪردگيءَ سان لاڳاپيل شرطن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي اي پاران ڪيل نئين تبديلين کانپوءِ هاڻي ٻي نئين سم جاري ڪرڻ ۽ ايڪٽيويٽ ٿيڻ ۾ 8 ڪلاڪن بدران 7 ڏينهن لڳندا، پر پهرين نئين سم 8 ڪلاڪن ۾ جاري ۽ فعال ٿيندي.
پي ٽي اي موجب ڊپليڪيٽ سم يا نمبر به 8 ڪلاڪن اندر جاري ڪيو ويندو.
پي ٽي اي موجب نيون سمون جاري ڪرڻ لاءِ نئون معيار آف پروسيجرز (ايس او پيز) 24 جنوري 2024ع کان لاڳو ٿيندو.
پي ٽي اي موجب اهو فيصلو واهپيدارن کي هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ سمون جاري ڪرڻ ۽ جعلي فنگر پرنٽس استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.