سرڪاري نوڪرين تي پابندي بابت منع نامو برقرار، فروغ نسيم پيش نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي کاتن ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين نوڪرين تي پابندي لڳائڻ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي.  بيرسٽر صلاح الدين احمد سيسي (سنڌ ايمپائرز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ) طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو. سنڌ حڪومت طرفان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ به عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر درخواستگذار ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.فروغ نسيم جي ايسوسيئيٽ جو عدالت ۾ درخواست ڏني ته فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. عدالت ۾ سيسي جي وڪيل بريسٽر صلاح الدين جا دليل مڪمل ٿي ويا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٻين ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 29جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت سرڪاري نوڪرين تي پابندي بابت منع نامي واري حڪم وارو فيصلو ايندڙ ٻڌڻي تائين برقرار رکيو آهي. عدالت پنهنجو موقف ڏيندي بيرسٽر صلاح الدين احمد چيو ته سيسي هڪ آزاد ادارو آهي،وڪيل سيسي صلاح الدين احمد چيو ته اسان جا ملازم سرڪاري ملازم نه آهن، وڪيل سيسي چيو ته اسان قاعدن ۽ قانونن ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکندي نوڪرين لاءِ اشتهار جاري ڪيو آهي، درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي، ڀرتين تي پابندي هٽائي وڃي، عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي سرڪاري نوڪرين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.