مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ جي بدلي ”جنت جي ٽڪيٽ “

 پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جا اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ جي بدلي عوام ۾جنت جا ٽڪيٽ ورهائڻ لڳا. سماجي رابطن  جي پليٽ فارمز تي هڪ وڊيو به تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.  جنهن ۾ جي يو آءِ جي هڪ اڳواڻ کي عوامي جلسي جي دوران مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ تي جنت جي بشارت ڏيڻ جا واعدا ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ مقرر جي يو آءِ جي سياسي مهم کي خطاب ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ هن چيو ته ڪجهه ماڻهو جنت جون ٽڪيٽون ورهائي رهيا آهن. اوهان کي ڪهڙي خبر ته مولانا فضل الرحمان ڇا آهي. رب جي قسم کائي چوان ٿو ته مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ جنت جي دليل آهي.اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ٿيڻ کان پوءِ صارفن ۽ مخالف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن طرفان تبصرا ۽ تنقيد ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.