اسلام آباد (م ڊ ) ايران ۽ پاڪستان پنهنجي سفيرن تي واپس موٽائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، پاڪستان ۽ ايران پاران گڏيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي سفيرن کي واپس موٽائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن جا سفير 26جنوري کان پنهنجي پوزيشن تي بحال ٿي ويندا. پاڪستاني سفير تهران ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو جڏهن ته ايران جو پاڪستان ۾ مقرر سفير به 26 هين جنوري تي واپس اچي ويندو. ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان جي دعوت تي ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان 29 جنوري تي پاڪستان جو دورو ڪندو، ان دوران هو نگران پرڏيهي وزير سميت اهم ملاقاتون پڻ ڪندو.