لاڙڪاڻي ۾ پ پ مخالفن جي قبرستان جو رستو ڊاهي پٽ:سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل آهن جنهن ۾ وڊيو ٺاهيندڙ شخص دعويٰ ڪري رهيو آهي ته پ پ اميدوار جميل  سومري ٺيڪيدار ايوب شيخ پاران ٺهرايل 150 فٽ جو پيور بلاڪ ڊهرائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته هتي مخالف رهن ٿا، روڊ کي اکيڙيو پيو وڃي، ٺيڪيدار ثواب خاطر اهو روڊ ٺهرايو هو،ناليواري ليکڪ دستگير ڀٽي ٽوئيٽ ڪيو ته جميل سومرو جيڪو سدائين اليڪشن ھارائيندو آهي تنهن مخالف اميدوار کي تنگ ڪرڻ خاطر سندن اباڻي قبرستان جو رستو ڊاھڻ جو حڪم ڏنوآهي.خبر نٿي پوي ته نگران حڪومت آهي يا اڃا تائين پ پ سرڪار قائم آهي.اميدوار ڪنهن کي دانهن ڏئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.