پاڪستان ۾ گڏهه وڌي ويا، گوشت برآمد ڪرڻ جو پلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات طرفان پاڪستاني گوشت جي درآمد تي پابندي لڳڻ واري معاملي جو سينيٽ جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ جائزو ورتو ويو هو ڪاميٽي غير معياري گوشت جي برآمد جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ جي سفارش ڪئي جڏهن ته ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان گڏهن جي گوشت جي برآمد جو پلان غور هيٺ آهي جنهن لاءِ گوادر زون ۾ سلاٽر هائوس قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي هئي.

سينيٽر ذيشان زانزاده جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو هو.

خيال رهي ته گذريل سال جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ گڏهن جو انگ لاڳيتو وڌي رهيو آهي جون، 2023 ۾ اهو انگ 58 لک تائين پهچي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.