لياري جمناسٽڪ ڪلب ۾ پروگرام، ايٿليٽس جا شاندار ڪرتب

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ جمناسٽڪ ڪلب هتان جي رهواسين لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهي ته اهي پنهنجون صلاحيتون دنيا سامهون ڏيکاري سگهن.

جمناسٽڪ ڪلب ۾ مختلف ڪرتب ڏيکارڻ جي ٽريننگ ڏني ويندي آهي ۽ پاڪستان ۾ ٽئلينٽ جي ڪابه کوٽ ناهي، کوٽ آهي ته رڳو حڪومت جي ڌيان جي. ڇو ته جمناسٽڪ ڪلب لاءِ حڪومتي سطح تي ڪي به سهولتون موجود نه آهن.

لياري ۾ جمناسٽڪ پروگرامن ۾ ٻارڙا ۽ ٻارڙيون به ڪرتب بازي ڪندي نظر اچن ٿا.

عوامي آواز سان ڳالهائيندي هنن پنهنجي ڏکيائين جو ذڪر ڪيو ۽ پيپلزپارٽي قيادت ۽ نگران حڪومت کان گهر ڪئي ته لياري جمناسٽڪ ڪلب ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.